ڀاڳيا، هري لال

ڀاڳيا، هري لال

هري لال ڀاڳيا

هري لال ڀاڳيا : سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر هري لال ڀاڳيا، 13 جنوري 1959ع تي پني عاقل ۾ جوتومل ڀاڳيا جي گهر جنم ورتو. 1987ع ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان ايم.بي.بي.ايس پاس ڪيائين. شاگرديءَ واري زماني ۾ کاٻي ڌر کان متاثر ٿي، ڊي.ايس.ايف ۾ شامل ٿيو. 1988ع ۾ ميڊيڪل آفيسر ٿيو ۽ 1992ع ۾ استعيفا ڏيئي ذاتي ڪلينڪ کولي پرئڪٽس ڪندو رهيو. هي مقامي هندو جاتيءَ جي مسئلن تي آواز اٿاريندو رهيو آهي. 1995ع ۾ ’سنت آسورام ويلفيئر سوسائٽيءَ‘ جو بنياد وڌائين، جنهن تحت شهر ۾ جديد تقاضائن موجب اسپتال ’سخي بابا ميٽرنٽي هوم‘ هلي رهيو آهي. سگا، هندو پنچائت ۽ مهراڻ ايجوڪيشنل سوسائٽيءَ جو ميمبر ۽ عهديدار رهيو آهي. پيپلز پارٽيءَ سميت ٻين قومي سطح جي سياسي اڳواڻن سان واسطا رکي ٿو.


لفظ هري لال ڀاڳياھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1959.01.13  عيسوي

سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر هري لال ڀاڳيا، 13 جنوري 1959ع تي پني عاقل ۾ جوتومل ڀاڳيا جي گهر جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀڳت واڌورام
جيمس آئوٽرام
عبدالهادي مرزا حڪيم
ارباب انور
اظھر علي شاهه ڊاڪٽر
رستم ڪي سڌوا
جهانگيرعباسي
ڊنشا دستور
سنت ڪشنداس
امداد حسين
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون